لائیو عورتن کي ھراسان ڪندڙن خلاف زيرو ٽالرنس آھي: مريم نواز

فہرستِ مضامین

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو چوڻ آھي تہ عورتن کي ھراسان ڪندڙن جي خلاف زيرو ٽالرنس آھي.

مريم نواز لاھور ۾ ڪاليج فار ويمن يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ھن ڪانووڪيشن ۾ شرڪت منھنجي لاءِ اعزاز آھي، ڪاليج فار ويمن يونيورسٽي سان ڪيتريون ئي يادون جڙيل آھن، منھنجي والدھ جي خواھش ھئي تہ مان ڊاڪٽر ٿيان، پر مان ڪڏھن ڊاڪٽر ٿيڻ نٿي چاھيو.

ھن چيو تہ مون کي پتو آھي تہ نوجوانن کي ڪيترن ئي چئلينجز کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، مون کي لکيل تقرير جو شوق ناھي، مان اوھان سان دل جون ڳالھيون ڪرڻ چاھيان ٿي، مونکي قوم جي ڌيئرن جي طاقت تي مڪمل اعتماد آھي، فارغ ٿيندڙ شاگردياڻين ۽ سندن والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿي.

وزيراعليٰ پنجاب چيو تہ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اوھان جو سفر ختم ناھي ٿيو، اڄ پنجاب جي ڪابينہ ۾ محنتي عورتون موجود آھن، پنجاب ۾ پھريون ڀيرو عورتون ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرز آھن، عورتون جيڪڏھن پنھنجو ڪردار ادا ڪن تہ ھن ملڪ کي اڳتي وڌڻ کان دنيا جي ڪا بہ طاقت نٿي روڪي سگھي.

ھن چيو تہ ڪڏھن نہ سوچيو ھو تہ سياست ۾ اينديس، فخر جي ڳالھ اھا آھي تہ پنجاب جي پھرين عورت وزيراعليٰ جو لاھور ڪاليج يونيورسٽي سان تعلق آھي.

مريم نواز چيو تہ مسلم ليگ (ن) ۾ ڪجھ سال پھريان تائين فرنٽ لائن ۾ ڪا عورت نظر نہ ايندي ھئي، اڄ مان وزيراعليٰ پنجاب طور اوھان جي سامھون بيٺي آھيان، مردن سان مقابلو ڪري ۽ کٽي اڳتي اچڻ ڪا ننڍي ڳالھ ناھي.

ھن چيو تہ فخر جي ڳالھ آھي تہ عورتون اڄ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھيون آھن، دھشتگردي جي انت وارو ڊپارٽمينٽ ھلائي رھيون آھن، ھيلٿ ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ڪم ڪري رھيون آھن.

وزيراعليٰ پنجاب چيو تہ منھنجي پنھنجي جماعت جا ماڻھو چون ٿا تہ ھيءَ عورت ڪھڙي طرح مافياز جو مقابلو ڪندي؟ عورتن جي لاءِ پنجاب کي محفوظ بڻائڻ منھنجي پھرين ترجيح آھي.

ھن چيو تہ عورتن کي محفوظ ماحول فراھم ڪرڻ لاءِ ھنڌ ھنڌ پينڪ بٽنز لڳرايا، ورچوئل پوليس اسٽيشنز ٺھرايا، آن لائن ھراسمنٽ روڪڻ لاءِ سسٽم بڻائي رھي آھيان، والدين کي چوان ٿي تہ جڏھن ٻارڙي ڪو راسمنٽ جو ڪيس آڻي تہ ان جو ساٿ ڏيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں