پاڪستاني اداڪارھ صرحا اصغر پنھنجي ٽئين ٻار جي آمد جي خوشخبري مداحن سان ھڪ خوبصورت فوٽو شوٽ ذريعي شيئر ڪري ڇڏي.
سرحا اصغر پنھنجي جاندار اداڪاري ۽ ڊانس پرفارمنسز سبب سڃاتي ويندي آھي.
ھوءَ پنھنجي مڙس لالہ عمر سان خوشگوار زندگي گذاري رھي آھي، ٻنھي جي جوڙي سوشل ميڊيا تي بہ مداحن ۾ ڪافي مقبول آھي.
اداڪارھ پنھنجي تازي ڄاول ٻار کي دنيا سان متعارف ڪرائيندي فيملي فوٽو شوٽ جي تصوير شيئر ڪئي آھي.
سوشل ميڊيا تي مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان مبارڪباد جو سلسلو جاري آھي.