اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون 7 ڪيسن ضمانتون منظور ڪري ورتيون آھن.
ايڊيشنل دسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ جي 6 ۽ بشريٰ بي بي جي ھڪ ڪيس ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون ستن ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ڪيون، 50-50 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
پي ٽي آءِ باني خلاف 9 مئي، آزادي مارچ، ڀڃ ڊاھ، وڳوڙ ۽ توشا خانہ جي جعلي رسيدن جا ڪيس داخل آھن، بشريٰ بي بي خلاف بہ توشا خانا ۾ جعلي رسيدن جو ھڪ ڪيس داخل آھي.
پراسيڪيوشن پاران راجا نويد حسين ڪياني، مظھر بشير ۽ طاھر ڪاظم عدالت ۾ پيش ٿيا، پراسڪيوشن جو چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاسف ثبوت موجود آھن، باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي ضمانت جا حقدار ناھن، ٻنھي جون ضمانت واريون درخواستون خارج ڪيون وڃن.
عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو تہ منهنجي ۽ عدالت جي ڪيريئر ۾ اهڙيون ضمانت جون درخواستون شايد پهريون ڀيرو آهن، جن ۾ ايتري دير ڪئي وئي آهي، هن ڪيس ۾ رياست کي 63 ڀيرا التوا ڏني وئي، 30 موقعن تي عدالت جيل اختيارين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر پيش نہ ڪيو ويو، 5 ڀيرا سپرنٽنڊنٽ جيل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، هن اسان طبي بنيادن تي نہ، پر ميرٽ تي ضمانت گهري رھيا آهيون۔
وڪيل سلمان صفدر وڌيڪ چيو تہ باني پي ٽي آءِ جي ضمانت جون درخواستون 9 مئي کانسواءِ ڪڏھن بہ رد نہ ٿيون آهن۔ ڪجهہ ڪيس سرڪار ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ٺاهيندي آهي، جن ۾ ڪڏھن بہ فرد جرم لاڳو ناهي ڪئي وئي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جون درخواستون منظور ڪيون……