ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو اسڪينڊل: جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد جي مشهور ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو منصوبي بابت گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي تحقيقاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ کي اسڪينڊل جو مک ڪردار قرار ڏنو ويو آهي.

وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ جي آءِ ٽي رپورٽ منظرعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جي آءِ ٽي وزيراعظم کي 9 اهم سفارشن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي هئي.

رپورٽ ۾ عبدالحفيظ شيخ سان گڏ سي ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڪامران لاشاري، فيصل اعوان، اظهر چوڌري، برگيڊيئر نصرت الله ۽ مرحوم راءِ نواز کرل کي به مبينا طور ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

جي آءِ ٽي موجب، عبدالحفيظ شيخ سي ڊي اي جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪيو، جنهن سبب قومي خزاني کي نقصان پهتو ۽ لاڳاپيل ماڻهن توڙي سندن ڪارندن کي ناجائز فائدو حاصل ٿيو.

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته عبدالحفيظ شيخ ۽ بي اين پي کي مستقبل جي سرڪاري منصوبن ۾ حصو وٺڻ کان بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، جڏهن ته منصوبي جو قانوني جائزو وٺي عمارت کي رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

جاچ ٽيم زمين ۽ عمارتن جي شفاف طريقي سان ٻيهر نيلامي، منصوبي لاءِ سيڪيورٽي، سي سي اي ۽ ماحولياتي تحفظ واري اداري (اي پي اي) جون منظوريون لازمي قرار ڏيڻ ۽ عمارت ۾ فوري طور باهه کان بچاءَ جا مناسب انتظام ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو هن وقت پرڏيهي وزارت جو دفتري پتو آهي، تنهن ڪري منصوبي جو نالو تبديل ڪيو وڃي. ان سان گڏ سي ڊي اي کي اصل خريدارن کان وصول ڪيل رقم وياج سميت واپس ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جي آءِ ٽي موجب، سي ڊي اي فيسون وصول ڪرڻ باوجود پنهنجي ذميوارين کان انڪار ڪيو. رپورٽ ۾ سي ڊي اي آرڊيننس جو مڪمل جائزو وٺي آزاد ماسٽر پلان ڪميشن قائم ڪرڻ، اداري جو سمورو رڪارڊ ۽ منظوريون ڊجيٽل ڪرڻ ۽ ايسٽ، پلاننگ، انفورسمنٽ توڙي بلڊنگ ڪنٽرول شعبن جي آفيسرن جون هر ٻن سالن کانپوءِ بدليون ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه، سرڪاري نيلامين ۽ معاهدن جو ٽئين ڌر کان اڳواٽ آڊٽ ڪرائڻ ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي جاچ تيز ڪري ٽن مهينن اندر عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب، وزيراعظم مئي ۾ معاملي جي جاچ لاءِ نيب جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ ايف آءِ اي، ايف بي آر، ايس اي سي پي ۽ ڳجهن ادارن جا نمائندا شامل هئا.

جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته ساڍا 13 ايڪڙ زمين صرف هوٽل جي تعمير لاءِ ڏني وئي هئي، پر زمين جي نيلامي ۾ مبينا طور ڌانڌلي ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين نيلامي سي ڊي اي بورڊ جي منظوري کانسواءِ رد ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ضابطا تبديل ڪري ٻيهر نيلامي ڪرائي وئي. ٻئي نيلامي دوران به ضابطن ۾ غيرقانوني نرمي ڪئي وئي ۽ بورڊ جي منظوري کانسواءِ عمارت جي اوچائي، ڪورڊ ايريا ۽ پارڪنگ جون حدون تبديل ڪيون ويون.

جي آءِ ٽي موجب، ٻي نيلامي کٽيندڙ چار رڪني ڪنسورشيم هو، پر ليز اهڙي ڪمپني کي ڏني وئي جيڪا ڪنسورشيم جو حصو ئي نه هئي. ليز تي صحيحون ٿيڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ بئنڪ گارنٽي جي شرط ختم ڪئي وئي، جنهن جو سڌو فائدو ڊولپر کي پهتو.

رپورٽ ۾ جوائنٽ وينچر بابت پيش ڪيل دستاويزن کي به شڪي قرار ڏنو ويو آهي. جاچ ٽيم موجب، ڪنسورشيم جي ٻن ميمبرن جون صحيحون جعلي هيون، جڏهن ته هڪ شاهد معاهدي جي تاريخ تي ملڪ کان ٻاهر موجود هو.

جي آءِ ٽي وڌيڪ چيو ته ليز جي رجسٽريشن سب رجسٽرار بدران رينٽ ڪنٽرولر کان ڪرائي وئي، جڏهن ته ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو جا 254 اپارٽمينٽس غيرقانوني طور رهائشي يونٽن طور 99 سالن جي سب ليز تي وڪرو ڪيا ويا، حالانڪه منصوبي جي منظوري سروس اپارٽمينٽس سميت فائيو اسٽار هوٽل طور ڏني وئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں