برازيل ۾ فٽبال ميچ دوران جهيڙو، 51 ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ جو عالمي رڪارڊ قائم

فہرستِ مضامین

برازيل ۾ انڊر 20 فٽبال چيمپئن شپ جي سيمي فائنل ميچ دوران ٻن ٽيمن جي رانديگرن ۾ سخت جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ ريفري مجموعي طور 51 ريڊ ڪارڊ ڏيکاري فٽبال جي تاريخ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

واقعو برازيل جي رياست ميناس گيرائس ۾ انڊر 20 چيمپئن شپ جي سيمي فائنل جي پهرين مرحلي دوران اوبرلينڊيا ۽ ماموري جي ٽيمن وچ ۾ پيش آيو.

ميچ دوران 43 رانديگرن ۽ ٻنهي ٽيمن جي ڪوچنگ اسٽاف جي 8 ميمبرن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر ڪيو ويو.

ريفري جي رپورٽ موجب، ميچ جي ٻئي هاف ۾ ماموري جي رانديگر ڊيوڊ گول ڪرڻ کانپوءِ مخالف ٽيم جي بينچ ڏانهن اشارا ڪيا، جنهن تي اوبرلينڊيا جو گول ڪيپنگ ڪوچ پائولو سرجيو ڊياس ڊوس سانتوس ڪاوڙ ۾ ميدان اندر اچي ويو.

ان واقعي کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن وچ ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو، جڏهن ته ان کان اڳ به ٽن رانديگرن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريا ويا هئا.

ڇڪتاڻ دوران اسٽيڊيم ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس کي طلب ڪيو ويو. جهيڙي سبب ميچ لڳ ڀڳ 40 منٽن تائين روڪيل رهي ۽ آخرڪار ريفري ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رپورٽن موجب، ان کان اڳ 2011ع ۾ ارجنٽائن جي هڪ فٽبال ميچ دوران 36 ريڊ ڪارڊ ڏيکاريا ويا هئا، جڏهن ته برازيل جي هن ميچ ۾ 51 ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو.

واقعي کانپوءِ اوبرلينڊيا جي ٽيم ٻئي مرحلي جي ميچ تان هٿ کڻي وئي ۽ ان فيصلي کي فيئر پلي جو مظاهرو قرار ڏيندي ماموري جي ٽيم کي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو ڏنو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں