ڪوھاٽ جي علائقي شڪر درہ روڊ تي اڻڄاتل ھٿياربند پاران پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي اسد محمود، 6 اھلڪار ۽ ھڪ واٽھڙو شھيد ٿي ويو
واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي گھيري ھيٺ سرچ آپريشن شروع ڪيو آھي، جڏھن تہ 3 زخمي اھلڪارن کي فوري طور ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
وفاقي گھرو وزير محسن نقوي ڪوھاٽ ۾ پوليس گاڏي تي فتنہ الخاورج جي دھشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آھي.
ھن شھيد ٿيل ڊي ايس پي اسد محمود ۽ 3 اھلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي سندن وارثن سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي.
محسن نوقي چيو تہ ڊي ايس پي اسد محمود ۽ ٽنھي اھلڪارن شھادت ماڻي قوم لاءِ قرباني ڏني.
ھن چيو تہ شھيدن جي قربانين کي ياد رکيو ويندو، ڏک جي ھن گھڙي ۾ شھيد ڊي ايس پي اسد محمود ۽ شھيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آھيون…