اسلام آباد: عمران خان کي طبي معانئي لاءِ پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس منتقل ڪيو ويو جتي سندس اک جي علاج جو اھم مرحلو مڪمل ڪيو ويو آھي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان کي 24 فيبروري تي اک جي علاج جي سلسلي ۾ انجڪيشن جي ٻئي ڊوز لڳائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو
طبي عمل کان اڳ ماھرن جي بورڊ ان جو تفصيلي معائنو ڪيو، جنھن بعد ڪنسلٽنٽ ڪارڊيالوجسٽ پاران ايڪو ڪارڊيوگرافي ۽ اي سي جي، ڪئي وئي، جيڪي رپورٽون نارمل آھيون، جڏھن تہ ڪنسلٽنٽ فزيشن بہ کيس طبي طور تي مستحڪم قرار ڏنو
ڊاڪٽرن باقاعدہ رضامندي حاصل ڪرڻ بعد عمران خان کي انجڪيشن جو ٻيو ڊوز ڏنو جنھن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
ذريعن موجب طبي عمل بعد عمران خان کي وڌيڪ نگراني لاءِ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ رکيو ويو، جڏھن تہ ان جي صحت کي تسلي بخش قرار ڏنو پيو وڃي…..