اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ٻاھران تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ جي ميمبرن احتجاج ڪيو آھي
پي ٽي آءِ ميمبرن عمران خان جا ڪيس مقرر ڪرڻ ۽ سندس جي گھرڀاتين سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن عمران خان جو سندس ذاتي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائڻ جو بہ مطالبو ڪيو آھي.
ان موقعي تي سلمان اڪرم راجا چيو تہ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرا سان ملاقات نہ ٿي سگهي ۽ رجسٽرا جو نمبر بہ بند آهي، پارليامينٽرينز ڌرڻو ھڻي انصاف ٻاهر ڌرڻو ھڻي انصاف جو انتظار ڪري رھيا آھن.
هن چيو تہ اسين سپريم ڪورٽ ٻاهران گڏ ٿيا آهيون تہ جيئن اسان جا ڪيس ٻڌيا وڃن ۽ انصاف ملي۔
پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي اک جي علاج لاءِ اسپتال وٺي وڃڻ گهرجي…