خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ ايف سي جي چوڪي تي ڪواڊ ڪاپٽر حملي ۾ 5 اھلڪار زخمي ٿيا، زخمي اھلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 زخمي اھلڪار شھيد ٿي ويا .
ڊي پي او ڪرڪ موجب ڊرگہ شھيدان جي علائقي ۾ ايف سي جي چوڪي تي حملو ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 5 اھلڪار زخمي ٿيا آھن، جن کي اسپتال پھچائڻ لاءِ ايمبولينس منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعي بعد زخمي ايف سي اھلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي ھٿياربند ماڻھن پاران فائرنگ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ ريسڪيو جا 2 اھلڪار زخمي ٿيا.
پوليس پوليس موجب ايف سي جي زخمي اھلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي بہ بھادر خيل ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنھن ۾ ايمبولينس ۾ موجود 3 زخمي اھلڪار شھيد ٿيا.
پوليس جو چوڻ آھي تہ فائرنگ جي ٻين زخمي اھلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، واقعي کانپوءِ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي…..