ايم ڪيو ايم پاڪستان جي گل پلازہ سانحي جوڊيشل ڪميشن ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست رد

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي گل سانحي جي جاچ لاءِ قائم جوڊيشل ڪميشن ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آھي.

جسٽس آغا فيصل جي صدارت ۾ جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار، نسرين جليل ۽ ٻيا ليگل ٽيم سان گڏ پھتا، ڊاڪٽر فاروق ستار ڪميشن جي سربراھ کي استدعا ڪئي تہ ھو ڪميشن ۾ ڌر بڻجڻ چاھين ٿا .

جسٽس آغا فيصل چيو تہ اوھان جي اچڻ جي خوشي آھي پر ھاڻي ڪميشن جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آھي، معذرت ڪيون ٿا ڪميشن جي ٻڌڻي جاري آھي.

جسٽس آغا فیصل چيو تہ ان حوالي سان صحيح طريقي سان درخواست داخل ڪريو، جنهن تي طارق منصور ايڊووڪيٽ ٻڌايو تہ منهنجي سندس درخواست اڳ ئي داخل آهي، جسٽس آغا فیصل چيو تہ جيڪا درخواست توھان ڏني آهي، ان تي في الحال ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.

فاروق ستار ڳالهائيندي چيو تہ اسان وٽ ڪجهہ شاهديون ۽ ثبوت موجود آهن، جنهن ۾ غفلت ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال بہ شامل آهي، هن عمارت جي تعمير ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن، گل پلازہ ۾ تعميراتي بي ضابطگين تي آفيسرن خلاف ڪيس بہ داخل ٿيو هو.

فاروق ستار چيو تہ اسان عدالتي ڪميشن جي معاونت لاءِ آيا آهيون، ايم ڪيو ايم هڪ جماعت طور ڌر بڻجي سگهي ٿي، اسان جي دستاويزن ۾ مضبوط شاهديون ۽ ثبوت موجود آهن، اسان اي ميل ذريعي ڪميشن ۾ درخواست ڏني، پر اسان کي چيو ويو تہ توھان جي درخواست ضرورت موجب ناهي، انصاف جا گھرجون پوريون ناھن ڪيون ويون.

ايس ايس پي سٽي ٽريفڪ اعجاز شیخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گل پلازہ سانحو ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو تہ جڏھن هو اتي پهتو تہ مين روڊ واري پاسي باهہ تمام شدت سان لڳل هئي، کيس ٻڌايو ويو تہ باهہ تمام تيزي سان پکڙجي رھي آهي، ڊي سي آفيس واري پاسي باهہ گهٽ هئي ۽ ماڻهو اتان پنهنجو سامان ڪڍي رھيا هئا۔

هن ٻڌايو تہ ٽنهي پاسن کان پوليس نفري مقرر ڪري ماڻهن کي روڪيو ويو، پر ڏسندي ئي ڏسندي باهہ ٽنهي پاسن کي پنهنجي لپيٽ ۾ ۾ آڻي ڇڏيو۔

اعجاز شيخ چيو تہ کيس ٻڌايو ويو تہ ٻہ ٻار ماچس سان کيڏي رھيا هئا، اسان ٻارن کي گهرائي سندن بيان ورتا، هنن ٻڌايو تہ هو کيڏي رھيا هئا، اهي ڳالهيون انڪوائري جو حصو آهن۔

ايس ايس پي سٽي ڪميشن کي ٻڌايو تہ باهه لڳڻ جا ڪارڻ ٻارن جو ماچس سان کيڏڻ ۽ جلدي باهہ پکيڙيندڙ شيون هيون، اتي ڪمبل، ڪپڙا، گل جيڪي ٽشو مان ٺهيل هئا ۽ اسپري وغيره موجود هئا۔

ڪميشن چيو تہ بيسمينٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج اسان سان شيئر ڪئي وڃي، اسان کي ٻڌايو ويو تہ باهہ کان اڳ دونهون پکڙيو ۽ پوءِ باهه لڳي؟ جنهن تي اعجاز شيخ چيو تہ پلازه جي 17 دروازن مان 4 کليل هئا، دروازا کولڻ ايسوسيئيشن جو ڪم هو، جيڪي دڪانن کان پيسا وٺندا آهن ۽ چوڪيدار رکيل آهن، ايسوسيئيشن وارا سڀ کان پهرين چوڪيدارن کي چوندا آهن تہ دروازا کولن۔

ايس ايس پي ٽريفڪ چيو تہ منهنجو ڪم ماڻهن کي ريسڪيو جي رستي کان پري رکڻ هو، اندر ڪيترا ماڻهو هئا، ان جو اندازو نہ هو، دروازا کولڻ لاءِ ڪنهن بہ نہ چيو، اها ايسوسيئيشن جي ذميواري هئي. عام ڏينهن ۾ رات 10 وڳي گل پلازه جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن، ايسوسيئيشن کي انتظام ڪرڻ گهرجي ها۔

هن وڌيڪ چيو تہ ريسڪيو ۾ ڪو بہ مسئلو پيش نہ آيو، ماڻهن جي ڪري ريسڪيو ڪم ۾ ڪا رڪاوٽ نہ ٿي، هڪ مهينو اڳ گرين لائين جو ڪم شروع ٿيو هو، گل پلازه جي هڪ پاسي روڊ 12 فوٽ ۽ ٻئي پاسي 15 فوٽ ويڪرو آهي، شهر ۾ 5200 نفري موجود آهي ۽ واقعي وقت مختلف هنڌن تي نفري مقرر هئي۔……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں