علي امين گنڊاپور خلاف ڪارروائي جون ڳالھيون من گھڙت آھن: بئريسٽر گوھر

فہرستِ مضامین

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوھر خان جو چوڻ آھي تہ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪارروائي جو فيصلو ناھي ڪيو.

پنھنجي بيان ۾ بئريسٽر گوھر خان جو چوڻ ھو تہ علي امين گنڊاپور خلاف ڪارروائي بابت ڳالھيون من گھڙت آھن، پارٽي ان خلاف ڪنھن بہ ڪارروائي جو فيصلو ناھي ڪيو.

هن چيو تہ علی امین گنڊاپور کي گذارش ڪئي آهي تہ پارٽي اندروني اختلافن کي برداشت نٿي ڪري سگهي، علي امين گنڊاپور ويڊيو بيان ۾ معذرت ڪري وڏي دل جو مظاھرو ڪيو، سندن ترجيح رڳو پي ٽي آءِ باني جي آزادي تي ھجڻ گھرجي.

ياد رھي تہ علي امين گنڊاپور پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ھو تہ مقبوليت باوجود ھو عمران خان کي آزاد نٿا ڪرائي سگھن، سندن نيت صحيح ناھي يا استعمال ٿي رھيا آھن.

ان بيان بعد ھن معذرت ڪندي چيو تہ سندس ڪاوڙ سان ڪنھن جي دل آزاري ٿي آھي تہ ھو معذرت ڪري ٿو، اڃا تائين جائز مطالبو بہ پورو ناھيون ڪرائي سگھيا تہ عمران خان کي ذاتي ڊاڪٽر فراھم ڪيو وڃي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں