اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ٽئين معاشي جائزي تي ڳالهيون هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ شروع ٿينديون. ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو جائزو مشن 25 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد جولاء کان ڊسمبر 2025 تائين جي معاشي ڪارڪردگي ۽ مقرر ڪيل هدفن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺندو. مشن کي ٽيڪس سڌارن، توانائي شعبي، مانيٽري پاليسي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته پرائمري بجيٽ سرپلس ۽ صوبائي ٽيڪس هدف پورا ڪيا ويا آهن، پر جولاء کان ڊسمبر 2025 تائين جو وفاقي ٽيڪس هدف پورو نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ۾ 329 ارب رپين جي کوٽ (Shortfall) رهي آهي.
ايف بي آر 6 مهينن دوران 6 هزار 161 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو. جڏهن ته تاجر دوست اسڪيم ۽ ريٽيلرز کان ٽيڪس وصولي به هدف کان گهٽ رهي.
صوبائي سرپلس: صوبن 6 مهينن دوران هڪ هزار 179 ارب رپيا ڪيش سرپلس ڏنو ۽ 568 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو.
ايندڙ قسط ۽ نجڪاري:
آءِ ايم ايف کي پي آئي اي (PIA) سميت نجڪاري پروگرام ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. ڳالهين جي ڪاميابي ۽ ايگزیکٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر ملندا. ان رقم ۾ اي ايف ايف پروگرام جو هڪ ارب ۽ ڪلائميٽ فنانسنگ جا 20 ڪروڙ ڊالر شامل هوندا.
ياد رھي ته ٻنهي پروگرامن تحت پاڪستان کي هينئر تائين 3.3 ارب ڊالر ملي چڪا آهن ۽ 2027 تائين وڌيڪ 3.7 ارب ڊالر حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي.