فيلڊ مارشل جي جرمني ۾ آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جرمني جو دورو ڪري 62هين سڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، سيد عاصم منير 12 کان 14 فيبروري تائين جرمني جو دورو ڪيو، جتي هن 62هين ميونخ سڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي شخصيتن ۽ اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون۔

آءِ ايس پي آر موجب فِيلڊ مارشل جي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ عالمي،  علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار بابت ڳالهيون ٿيون۔

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل جرمن چانسلر جي صلاحڪار ۽ جرمن ھٿياربند فوج جي سربراھ سان ملاقات ڪئي، جنھن ۾ پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن تي پڻ ڳالهيون ٿيون.

سيد عاصم منير برازيل جي هٿياربند فوج جي جوائنٽ اسٽاف سربراهہ سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفي فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔

لبناني هٿياربند فوج جي ڪمانڊر بہ فِيلڊ مارشل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ملاقات ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں