اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي تہ جيڪڏھن وزيراعظم بہ غيرقانوني حڪم ڏئي تہ سول سرونٽس انهن تي عمل ڪرڻ جا پابند ناهن۔
جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ او جي ڊي سي ايل ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي۔
نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تہ او جي ڊي سي ايل ۾ اوور اسٽاف ڀرتيون ڪيون ويون، اڳوڻي وفاقي وزير انور سيف الله طرفان چيئرمين کي مقرري ليٽر جاري ڪرڻ لاءِ چيو ويو، نوڪرين جا اپائنٽمينٽ ليٽر بہ وفاقي وزير جي آفيس ڏانهن موڪليا ويا، جڏھن تہ ڀرتين جو طريقو اشتهار ذريعي ٿيڻ گهرجي ها۔
جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو تہ هر سرڪاري اداري ۾ وڌيڪ ڀرتيون آهن، جيڪڏھن وزيراعظم بہ غيرقانوني حڪم ڏئي تہ سول سرونٽس ان تي عمل ڪرڻ جا پابند ناهن، جنهن تي نيب وڪيل چيو تہ جيڪڏھن سول سرونٽ حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري تہ ان تي عذاب اچي وڃي ٿو۔
جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ڪو بادشاھ تہ ناھي نہ بس آرڊر ڪري ڇڏيو، هر سرڪاري اداري ۾ وڌيڪ اسٽاف موجود آھي، جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تہ عوام وزيرن کان نوڪريون تہ گهري ٿي۔
ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو تہ پي آءِ اي ۾ وڌيڪ ڀرتين سبب نجڪاري ڪرڻي پئي ۽ اهي ڀرتيون ان وقت ڪيون ويون جڏھن احتساب ڪميشن جو قانون موجود نہ هو۔ جسٽس اشتياق ابراهيم چيو تہ لاڳاپيل وفاقي وزير سزا ڀوڳي چڪا آهن۔
نيب جي وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي تہ نظرثاني درخواست خارج ڪري اصل فيصلو برقرار رکيو وڃي، عدالت اڳوڻي وزير جي نظرثاني درخواست تي وڪيلن کي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي۔