ايراني حڪومت مونکي قتل ڪيو تہ انھن جو ملڪ مڪمل تباھ ڪيو ويندو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ جديڪڏھن ايراني حڪومت مون کي قتل ڪيو تہ انھن جي کي تباهہ ڪيو ويندو.

آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو دوران جڏھن ٽرمپ کان ايران طرفان ملندڙ ڌمڪين بابت سوال ڪيو ويو تہ هن چيو تہ منهنجي خيال ۾ ھو اھڙو ڪجھ بہ نہ ڪندا، مان ان حوالي سان ھڪ نوٽيفڪيشن پھريان ئي تيار ڪري رکيو آھي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ جڪڏھن ايران طرفان مون کي قتل ڪيو ويو تہ آمريڪا ايران کي مڪمل طور تي تباهہ ڪري ڇڏيندو۔

هڪ تازي بيان ۾ ايراني سپريم ليڊر چيو هو تہ ايران ۾ تازن مظاهرن دوران ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو ذميوار آمريڪي صدر ٽرمپ آھي۔

ٻئي پاسي، ڪجهہ ڏينهن اڳ هڪ اڳوڻي آمريڪي سفير ڊان شيپيرو دعويٰ ڪئي هئي تہ ٽرمپ ايندڙ هفتن ۾ خامنہ اي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں