گيمبيا ۾ 200 مهاجرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ٻڏي وئي، 7 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي گم

فہرستِ مضامین

مغربي آفريڪا جي ملڪ گيمبيا جي سمنڊ ۾ 200 مهاجرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ٻڏي وئي آھي، جنھن ۾ 7 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آھن، جڏھن تہ ڪيترائي گم آھن.

پرڏيھي ميڊيا موجب هي ٻيڙي اربع جي رات دير سان اترين ڪناري واري علائقي ۾ جينڪ ڳوٺ ويجهو ٻڏي وئي، ٻيڙي ۾ ٻيڙي ۾ يورپ وڃڻ جي خواھش رکندڙ لڳ ڀڳ 200 مهاجر سوار هئا ۔ميڊيا رپورٽن موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو اطلاع ملندي ئي انتظاميہ پاران سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ 96 مھاجرن کي بچايو ويو

رپورٽن موجب ٻيڙي ٻڏڻ سبب ڪيترائي ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، جھڏن تہ 7 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں