پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آھي تہ مريم نواز خلاف نازيبا ٻولي جو استعمال ھڪ خاص سوچ جي علامت آھي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو تہ جڏھن ٻڌايو تہ ڪي پي جو وڏو وزير پنجاب اسيمبلي ۾ اچڻ چاھي ٿو تہ ان تي خوشي ٿي، پر اوھان اهڙن ماڻهن کي ايوان ۾ ۾ آندو جن جا نالا بہ اسان وٽ موجود نہ هئا۔
ملڪ احمد خان چيو تہ جڏھن انهن جا نالا لسٽن ۾ چيڪ ڪيا ويا تہ انهن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، پنجاب اسيمبلي جو هر عمل قانون جي تابع آهي۔هن چيو تہ اسيمبلي ۾ اچڻ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت يا گهٽ ۾ گهٽ سڃاڻپ ڪارڊ هئڻ ضروري آهي، سيڪيورٽي جي معاملي کي ڪنهن بہ صورت نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔….