اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري الزام لڳايو آهي تہ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڊگري ڪيس ۾ کيس کي استعيفيٰ ڏيڻ جي صلاح ڏني هئي.
ڊگري ڪيس بابت جسٽس طارق جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بينچ کان الڳ ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊگري ڪيس چيف جسٽس مون سميت ڪجهه ٻين ماڻهن سان به بحث ڪيو هو.
هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس سرفراز ڊوگر اهو تسليم ڪيو ته ڊگري ڪيس جلد ٻڌڻ لاءِ مٿس دٻاءُ آهي، چيف جسٽس مون کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح صلاح ڏني ته مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان، چيف جسٽس مون کي اها به تجويز ڏني ته مان استعيفيٰ ڏئي چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيان، مون کي اهو پڻ چيو ويو ته ان طريقي سان مٿن دٻاءُ گهٽجي ويندو۔
جسٽس طارق جهانگيري پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته زير التوا معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ چيف جسٽس بينچ ۾ ويهڻ جي اهل ناھي رھيو، تنهنڪري چيف جسٽس سرفراز ڊوگر کي هاڻي بينچ کان الڳ ٿي وڃڻ گهرجي، ڇو ته هنن زير التوا ڪيس تي بحث ڪري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
پنهنجي درخواست ۾ جسٽس طارق جهانگيري چيو آهي تہ چيف جسٽس تي دٻاءُ اچڻ کانپوءِ هنن کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب هلڻ گهرجي ها، پر چيف جسٽس ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل ڪرڻ بدران ساٿي جج تي دٻاءُ وجهي استعيفيٰ ڏيڻ جي صلاح ڏني.
هن جو چوڻ هو تہ مون چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ۽ چيف جسٽس کي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪرڻ گھرجي….