نيشنل گيمز، پڄاڻي جي تقريب ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ڪاميابي ماڻيندڙ پاڪستان آرمي کي ٽرافي ڏني

فہرستِ مضامین

ڪراچي: 35ھين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي، جنھن ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل خاص مھمان طور شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاھ، راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر ۽ ڪور ڪمانڊر بہ موجود ھئا.

تقريب ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن جو صدر عارف سعيد، سيڪريٽري محمد خالد محمود، سنڌ اولمپڪ ايسوسيشن جو سيڪريٽري احمد علي راجپوت ۽ ٻيا بہ شريڪ ٿيا.

تعليمي ادارن جي ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻين سميت گيمز ۾ شريڪ 24 دستن جي رانديگرن ۽ آفيشلز تقريب ۾ شريڪ ھئا.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير کي سنڌي ٽوپي ۽اجرڪ پارايو.

فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل گيمز ۾ پنھنجي اعزاز جو ڪامياب دفاع ڪندڙ پاڪستان آرمي کي قائد اعظم ٽرافي پيش ڪئي.

ٻئي پوزيشن تي واجد علي ٽرافي واپڊا بلاول ڀٽو زرداري کان ورتي، پاڪستان نيوي ٽئين پوزيشن سان صدر پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن ٽرافي وصول ڪئي.

تقريب ۾ خاص مھمان طور شريڪ عاصم منير 35 ھين نيشنل گيمز جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں