اسلام آباد : اپوزيشن اتحاد جي ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪستان تحريڪ انصاف 2 ڏينھن واري قومي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سان رابطي جو فيصلو ڪيو آھي.
اپوزيشن اتحاد جي ذريعن موجب پيپلز پارٽي سان رابطو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ڪيو ويندو، جنھن ۾ پيپلز پارٽي کي 2 ڏينھن واري قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي
ذريعن موجب پي ٽي آءِ پاران مسلم ليگ ن کي قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت نہ ڏني ويندي، جڏھن تہ ڪانفرنسن ۾ سياسي ڳالھين جو رستو ڪڍڻ تي غور ڪيو ويندو
ذريعن موجب اپوزيشن اتحاد جو چوڻ آهي تہ حڪومت کي ڳالهين لاءِ محمود اچڪزئي سميت سياسي ساٿين جي باني سان ملاقات ڪرائڻي پوندي……..