بلوچستان ۾ ڪالهه کان هينئر تائين وچولي شدت جا 5 زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڄ صبح بارخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 5.2 شدت وارو زلزلو پڻ رڪارڊ ڪيو ويو هو۔
موسميات کاتي جي چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر لغاري موجب بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ يوريشين ٽيڪٽونڪ پليٽ تي واقع آهن۔
چيف ميٽرولوجسٽ ٻڌايو آهي ته اهي زلزلا انهيءَ پليٽ جي مٿئين سطح تي اچي رهيا آهن ۽ اهي عالمي سطح تي ٿيندڙ زلزلي واري سرگرمي جو اثر آهن۔
سندن موجب وينزويلا ۾ آيل زلزلي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ توانائي جون لهرون لاڳاپيل ٽيڪٽونڪ پليٽن تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، جنهن سبب ٻين علائقن ۾ به زلزلا اچي رهيا آهن۔
چيف ميٽرولوجسٽ وڌيڪ چيو ته 2000ع کان 2011ع دوران انڊونيشيا ۾ آيل وڏن زلزلن کان پوءِ ڪشمير ۾ به تباهه ڪندڙ زلزلو آيو هو۔
چيف ميٽرولوجسٽ موجب زمين ۾ پيدا ٿيل توانائي جون لهرون مڪمل طور ختم ٿيڻ تائين وڌيڪ زلزلا اچڻ جو امڪان موجود آهي، پر سائنسي طور تي زلزلي جي صحيح وقت ۽ حتمي شدت جي اڳڪٿي ڪرڻ ناممڪن آهي۔