اسلام آباد: (بيورورپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اسلام آباد ۾ مبينا انساني پليسينٽا (نال) جي غير قانوني پروسيسنگ ۽ اسمگلنگ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. عدالت ٽن چيني شهرين ۽ ٻن پاڪستاني شهرين سميت پنجن گرفتار جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن نيٽ ورڪ بابت وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي.
ايف آءِ اي موجب اسلام آباد جي ايف-7 ۽ اي-11 سيڪٽرن ۾ ڪاررواين دوران ٻه اهڙا مرڪز هٿ آيا، جتي وڏي مقدار ۾ تازو، سڪايل ۽ پروسيس ٿيل انساني پليسينٽا موجود هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار مبينا طور اسپتالن مان پليسينٽا گڏ ڪري ان کي سڪائي ۽ پروسيس ڪري “She Placenta” يا رڍ جي پليسينٽا جي نالي سان خاص طور ويٽنام برآمد ڪندا هئا.
جاچ دوران اختيارين کي شڪ آهي ته هي مواد پشاور، راولپنڊي ۽ لاهور جي مختلف اسپتالن مان هڪ منظم نيٽ ورڪ ذريعي گڏ ڪيو ويندو هو. هاڻي جاچ جو مرڪز اهو معلوم ڪرڻ آهي ته هن نيٽ ورڪ ۾ اسپتالن جا ڪهڙا ماڻهو يا ٻيا سهولتڪار شامل هئا، مواد ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪيو ويندو هو ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر ڪيئن موڪليو ويندو هو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڇاپن دوران پروسيسنگ مشينري، ريفريجريٽر، تيار ٿيل مواد ۽ ٻيو سامان پڻ قبضي ۾ ورتو ويو آهي. اختيارين موجب هٿ آيل نمونن جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته پي آءِ ايم ايس اسپتال ابتدائي طور تصديق ڪئي آهي ته هٿ آيل مواد ۾ انساني پليسينٽا ۽ ٻيا حياتياتي ٽشو شامل آهن.
پليسينٽا يا نال اهو عارضي عضوو آهي، جيڪو حمل دوران ماءُ جي رحم ۾ ٺهندو آهي ۽ ماءُ کان ٻار تائين آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ سان گڏ ٻار جي جسم مان فضول مادا خارج ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اهو جسم کان الڳ ٿي ويندو آهي. قانوني ۽ اخلاقي ضابطن هيٺ ان کي طبي تحقيق، اسٽيم سيل ريسرچ ۽ ڪجهه مخصوص علاج ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر ان لاءِ مريض جي رضامندي ۽ سخت قانوني ضابطا لازمي هوندا آهن.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ گرفتارين ۽ نون انڪشافن جو امڪان موجود آهي. جوابدارن خلاف هيومن آرگنز اينڊ ٽشوز ٽرانسپلانٽيشن ايڪٽ 2010 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.