لائیو پناهگيرن لاءِ برطانيا جي نئين پاليسي، اسپانسر شپ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

برطانوي حڪومت هلندڙ سال جي آخر تائين پناهگيرن لاءِ نوان، محدود ۽ محفوظ قانوني رستا متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن تحت يونيورسٽيون، ڪاروباري ادارا ۽ ڪميونٽي تنظيمون پناهگيرن جي اسپانسرشپ ڪري سگهنديون۔

گھرو وزارت موجب هي نئون نظام ڪينيڊا جي اسپانسرشپ ماڊل کان متاثر آهي، جنهن تحت مستند ادارا برطانيا اچڻ جا خواهشمند پناهگيرن جي درخواستن جي حمايت ڪري سگهندا۔

حڪومت جو چوڻ آهي ته هي اسڪيم مستقبل ۾ برطانيا جي پناهگيرن واري نظام جو بنيادي حصو بڻجي ويندي ۽ موجوده يو ڪي ري سيٽلمينٽ اسڪيم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گنجائش فراهم ڪندي۔

گهرو وزير شبانہ محمود چيو آهي ته نئين پاليسي جو مقصد حقيقي پناهگيرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ نظام ۾ موجود انهن خامين کي ختم ڪرڻ آهي، جن مان ماضي ۾ ناجائز فائدو ورتو ويندو رهيو آهي۔

سندن موجب برطانيا هميشه جنگ، تشدد ۽ ظلم کان بچي ايندڙ ماڻهن کي پناهه ڏيندو رهيو آهي، پر عوام جو اعتماد برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته نظام منصفاڻو، منظم ۽ بدعنواني کان پاڪ هجي۔

حڪومت اهو به اعلان ڪيو آهي ته انساني حقن ۽ جديد غلامي سان لاڳاپيل قانونن جي لاڳو ٿيڻ واري عمل ۾ سڌارا آندا ويندا، ته جيئن بي بنياد يا غير سنجيده پناهه وارين درخواستن جي حوصلا شڪني ٿي سگهي۔ تجويز ڪيل تبديلين تحت ڪجهه ڏوهاري يا جعلي دستاويز استعمال ڪندڙ غير ملڪي شهري جديد غلامي واري قانون تحت تحفظ حاصل ڪرڻ جا حقدار نه هوندا۔

حڪومت موجب يونيورسٽي اسپانسرشپ پروگرام لاءِ درخواستون هلندڙ سال جي آخر ۾ کوليون وينديون، جڏهن ته پهرين پناهگيرن جي آمد 2027ع ۾ متوقع آهي۔ اهڙي طرح پناهگيرن لاءِ روزگار تي ٻڌل اسپانسرشپ پروگرام به ايندڙ سال شروع ٿيڻ جو امڪان آهي۔

حڪومت واضح ڪيو آهي ته نون قانوني رستن تحت ايندڙ ماڻهن جو انگ محدود هوندو ۽ سڀني درخواستگذارن کي سخت جانچ پڙتال جي عمل مان گذرڻو پوندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں