اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ جادُوءَ سان نہ پر محنت سان ملڪ ترقي ڪندو، دهشتگردي ۽ معاشي ترقي جون ڪوششون گڏ نٿيون هلي سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ علماءَ ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، ڪنوينشن ۾ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيو تہ هڪجهڙائيءَ وارو ماحول قائم ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نہ ٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي معيشت اڄ تيزي سان ترقيءَ جي رستي تي گامزن آهي، فوجن جي قربانين تي ٺٺول ڪنداسين تہ ڪهڙو پاڪستاني جي عزت ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ جڏھن پاڪستاني فوجن جي خلاف زهريلي پروپيگينڊا ڪئي ويندي تہ فوج جو دفاع ڪرڻ حڪومت ۽ عالمن سميت سڀني جي ذميواري آهي.
هن چيو تہ معرڪہ حق ۾ عظيم فتح حاصل ٿي، قوم جون دعائون قبول ٿيون، هر سپاهي جي ڪوششون معرڪہ حق بي مثال ڪاوشون شامل هيون.
هن چيو تہ فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت خلاف جنگ کي بهادريءَ سان ليڊ ڪيو، هٿياربند فوجن جي بهادري سان دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو تہ ملڪ ۾ فرقہ پرستي جو خاتمو ضروري آهي، اڃا بہ ڪجھه مختلف مذهبي فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو چون ٿا تہ ”هن مسجد ۾ فلاڻي جي پٺيان نماز نه پڙھنداسين.
شهباز شريف وڌيڪ چيو تہ خارجين جي حملن ۾ معصوم پاڪستاني شهيد ٿي رھيا آهن، شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري ڪيترن ئي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو آهي……