انٽيليجنس آپريشن جي حمايت ۽ وفاق سان سھڪار کانسواءِ صوبو نٿو ھلي سگھي: فيصل ڪريم ڪنڊي

فہرستِ مضامین

پشاور: ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وفاق سان سھڪار کانسواءِ صوبي جي ھلڻ کي ناممڪن قرار ڏنو آھي.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ ھي چون تہ فوج صوبي مان نڪري وڃي، جيڪڏھن فوج نڪتي اسان جي ايتري صلاحيت ناھي جو صوبو سنڀالي سگھون.

ھن چيو تہ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي حمايت ۽ وفاق سان سھڪار کانسواءِ صوبو نٿو ھلي سگھي، آئين ۾ گورنر راڄ جي شق آھي،اھا غيرآئيني ناھي.

گورنر ڪي پي وڌيڪ چيو تہ عمران خان پنھنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻ کانپوءِ آزاد ٿي ويندو، 2 سال بہ سزا ناھي ڪاٽي پر واڳون جا ڳوڙھا روئي رھيو آھي.

ان کان اڳ پشاور ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي کي مشورو ڏنو تہ ھو صوبي جو ڪيس اڊيالا ۾ نہ وڙھي، سرڪاري ادارن ۾ وڙھي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ صوبي ۾ دھشتگردي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، قبائلي ضلعن ۾ دھشتگردن جا حملا جاري آھن.

ھن چيو تہ سيڪيورٽي اھلڪارن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جھڙو حاڊٿو ٿيڻ کان بچايو،  وڏي وزير کي صوبي جي امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

گورنر وڌيڪ چيو تہ خيبرپختونخوا جو ڪيس اڊيالا بدران سرڪاري ادارن ۾ وڙھو، صوبو ڏينھن ئي ڏينھن پوئتي وڃي رھيو آھي.

سندن چوڻ آهي تہ صوبو هڪ ئي نقطي واري ايجنڊا تي آهي ۽ اهو امن آهي، وفاقي حڪومت کي چوندو آهيان تہ جيڪڏھن صوبائي حڪومت سنجيدہ ناهي تہ پوءِ وفاق امن مان ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ 1991ع کان صوبي کي پاڻي جو حصو نٿو ملي، اسان جو صوبائي سيڪريٽريٽ اڊيالا منتقل ٿي چڪو آهي.

هن چيو تہ پي ٽي آءِ باني سزا يافتہ آهي، کيس عدالت ۾ وڃي ڪيس وڙھڻ گهرجي، روڊن تي نڪرڻ سان آزادي نٿي ملي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں