ملڪي معيشت ڏنڊي جي زور تي نہ پيار سان ھلندي آھي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

لاھور: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ واپاري برادري جو معيشت جي بھتري ۾ اھم ڪردار آھي، واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندا رھنداسين.

لاھور ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پاڪستان لاءِ فخر جوڳي ڳالھ آھي جو چين جھڙو ملڪ اسان سڏ گڏ ڪم ڪري رھيو آھي، سوچڻ گھرجي تہ چين سان گڏ ڪيئن پنھنجا نمبر مٿي کڻي وڃي سگھجن ٿا.

ھن چيو تہ پاڪستان جي برآمدات ۾ واضح واڌ ٿي رھي آهي، واپاري برآمد وڌائڻ جي ڪوشش ڪن۔

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ گذريل حڪومتون ڏنڊي جي زور تي معيشت کي هلائڻ چاهينديون هيون، ھو سمجھي ٿو تہ معيشت کي محبت سان هلائڻ گهرجي۔

هن چيو تہ وفاق جو ايف بي آر رڪارڊ سڀني جي سامهون آهي تہ اهو ڪيترو آهي، ايف بي آر ۾ ڊيجيٽلائيزيشن جو سسٽم انتهائي اهميت وارو آهي۔

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن، وفاقي حڪومت جون ڏکيائيون ختم ڪرڻ ڪنهن هڪ صوبي جو ڪم نہ آهي، سڀني کي گڏجي وفاقي حڪومت سان گڏ بيهڻو گهرجي۔

ھن چيو تہ سنڌ صوبي جي ڪارڪردگي باقي صوبن جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر رھي آهي، 18هين ترميم کان پوءِ سيلز ٽيڪس آن سروسز صوبن گڏ ڪيو، جنهن سان روينيو بهتر ٿيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ منهنجي پارٽي جو منشور اهو هو ته 200 يونٽ بجلي غريب ماڻهن کي ڏيڻي هئي، اسان مفت بجلي جي يونٽ کي سولر ۾ تبديل ڪري ڏئي سگهون ٿا۔

ھن چيو ته هڪدم سڀ ڪجهه نٿا ڪري سگهون، اسان ان جو گرين حل ڪڍنداسين، بجلي جون ڏکائيون ضرور گهٽائينداسين۔……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں