ايبٽ آبا : 67 تولا سون ۽ رقم واپس گھرڻ تان ليڊي ڊاڪٽر اغوا بعد بي رحمي سان قتل، 3 جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

ايبٽ آباد : ڊاڪٽر وردا مشتاق کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڊاڪٽر وردا مشتاق جو لاش ھٿ ڪرڻ بعد ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر هارون الرشيد، ايس پي قمر حيات خان ۽ ايس پي اشتياق احمد ميڊيا کي آگاھ ڪندي ٻڌايو تہ جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ لاش بہ ھٿ ڪيو ويو آهي۔

4 ڊسمبر رات 8:45 تي ڊاڪٽر وردا جي گمشدگي جي رپورٽ سندن والد ڪينٽ ڪينٽ ۾ داخل ڪرائي، جنهن تي پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪئي۔

شروعاتي جاچ موجب 2023 ۾ ڊاڪٽر وردا پنهنجي دوست رِدا وٽ 67 تولا سون امانت طور رکرايو هو، جنهن جي واپسي تي ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار ۽ جرڳو پڻ ٿيو۔

4 ڊسمبر 2025 تي ردہ سون واپس ڪرڻ جي بهاني تي ڊاڪٽر وردا کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کان پنهنجي گاڏي ۾ کڻي رحمان اسٽريٽ جدون پلازہ ۾ پنهنجي اڏاوت هيٺ گهر ۾ ڇڏيو شمعريز، پرويز ۽ هڪ اڻڄاتل شخص اڳواٽ موجود هئا۔

رِدا، نديم زيب ولد اورنگزيب جي منصوبابندي موجب، ڊاڪٽر وردا کي جوابدارن حوالي ڪري واپس پنهنجي گهر هلي وئي۔

پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سي ڊي آر جي مدد سان اصل حقيقتن تائين پهتي ۽ ڪارروائي ڪندي جوبدار نديم زيب، ردا جدون ۽ پرويز کي گرفتار ڪيو، جڏھن تہ مک جوابدار شمعريز جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن۔

گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو تہ هنن ڊاڪٽر وردا کي اغوا ڪري قتل ڪيو ۽ لاش کي ٿنڍياني جي علائقي ۾ جهنگل ۾ کڏ کوٽي دفن ڪيو۔ جوابدار پرويز جي نشاندهي تي ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز جي اڳواڻي ۾ لاش ھٿ ڪيو ويو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو۔

پوليس اٽڪل 100 کان وڌيڪ هنڌن تي ڇاپا هنيا، 35 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏيون، سون سان لاڳاپيل اسٽامپ پيپر ۽ چيڪ ضبط ڪيا،  ڪيس کي جديد طريقيڪار، فني سهولت ۽ گڏيل ٽيم ورڪ سان اڳتي وڌايو پيو وڃي۔

گرفتار جوابدارن ۾ رِدا زال وحيد، نديم ولد اورنگزيب ۽ پرويز ولد ايوب شامل آهن، جڏھن تہ شمعريز جي گرفتاري لاءِ ٻہ ٽيمون پشاور ۽ هڪ ايبٽ آباد ۾ مصروف آھي۔

ڊي پي او ايبٽ آباد چيو تہ ظلم ڪندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نہ سگھندا ۽ مقتولا کي ھر صورت ۾ انصاف ڏياريو ويندو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں