راولپنڊي : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته افغانستان جي طالبان رجيم کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن وٽ ”خارجين يا پاڪستان“ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي.
جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو پيو وڃي، ٽنهي هٿياربندن فوجن جي دستن فيلڊ مارشل عاصم منير کي سلامي پيش ڪئي، ان موقعي تي هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهہ پڻ موجود هئا.
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ٽنهي هٿياربند فوجن جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو تہ نئين قائم ڪيل دفاعي فورسز هيڊ ڪوارٽر ۾ بنيادي تبديلي تاريخي نوعيت جي آهي، ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر جو قيام ان تبديلي ڏانهن هڪ ضروري وک آهي.
فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو تہ ضروري آهي تہ اسان ملٽي ڊومين آپريشنز کي ٽنهي فوجن جي متحد نظام هيٺ وڌيڪ بهتر بڻايون، وڌندڙ ۽ بدلجندڙ خطرن کي ڏسندي ائين ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو تہ هر سروس پنهنجي آپريشنل تيارين لاءِ پنهنجي انفراديت برقرار رکندي، جڏھن تہ تہ ڊفينس فورسز جو هيڊ ڪوارٽر سروسز جي آپريشنز کي مربوط ۽ هم آهنگ ڪندو. مٿانهين ڪمانڊ جي گڏيل قوت سان ٽئي فوجون پنهنجي اندروني خودمختياري ۽ تنظيمي جوڙجڪ برقرار رکنديون.
فيلڊ مارشل چيو تہ ڀارت ڪنهن بہ خوش فهمي يا فريب جو شڪار نہ رھي ، پاڪستان جو ايندڙ جواب ان کان بہ وڌيڪ تيز ۽ شديد هوندو.
هن چيو تہ طالبان رجيم کي واضح پيغام ڏنو ويو تہ وٽن خارجين يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.
چيف آف ڊفينس فورسز جو چوڻ هو تہ مان ٻيهر چوان ٿو تہ پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، ڪنهن کي بہ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ عزم کي آزمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان جو بنياد حفاظت ايمان سان سرشار بهادرن ۽ متحد قوم جي پختي عزم رکيو آهي.