گوجرانولاا : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ نوازشريف جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ آهي، پاڪستان جيڪڏھن ايٽمي طاقت نہ هجي ها تہ هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.
گوجرانولاا ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو تہ سموري پاڪستان ۾(ن) ليگ جو نعرو بلند ٿيندو، نوازشريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو تعميراتي سياست جي شروعات ٿئي، تاريخ هميشہ ياد رکندي.
هن چيو تہ اڄ اوھان جي شهر ۾ جيڪو منصوبو وزيراعليٰ پنجاب تحفو ڏنو آهي انهي سان پوري ضلعي جي تقدير تبديل ڪنداسين، انهي منصوبي سان شهرين کي تمام گهڻيون سھولتون ملنديون.
شهباز شريف چيو تہ انهي منصوبي سان ٻارڙا وقت تي اسڪول پهچي سگهندا، مزدور ڪارخانن ۾ وڪيل عدالتن ۾ پهچي سگهندا، ماس ٽرانزٽ منصوبي سان زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن کي فائدو حاصل ٿيندو.
هن چيو تہ نوازشريف لاهور ۾ دل جي مرض جو پهريون اسپتال تعمير ڪرايو ۽ عام ماڻهو جي لاءِ ترقياتي منصوبا تعمير ڪرايا، نوازشريف جو سڀني کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ آهي جيڪڏھن پاڪستان ايٽمي طاقت نہ هجي ها تہ هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.
شهباز شريف چيو تہ لاهور جو شمار دنيا جي آلودہ ترين شهرن ۾ ٿيندو هو پر اسموگ ۾ اڄ گهٽتائي آئي آهي، انهي تي مريم نواز جي ٽيم کي شاباش ملڻ گهرجي، اهي سمورا ڪم ڪير چاهي بہ لڪائي نٿو سگهي، مخالفن کي بہ انهن ڪمن جو اقرار ڪرڻو پوندو.