ڪي پي حڪومت صحت جي بجيٽ ھيلٿ ڪارڊ تي لڳائي ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختوخوا حڪومت جي صحت ڪارڊ اسڪيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تہ آھي تہ ڪي پي حڪومت صحت جي بجيٽ ھيلٿ ڪارڊ ۾ وجھي ڇڏي، منھنجي خيال ۾ ڪي پي حڪومت جو ھيلٿ ڪارڊ ماڊل ناھي.

پنھنجي بيان ۾ ھن چيو تہ ھيلٿ ڪارڊ جي ھڪ حد مقرر آھي ان کان وڌيڪ بيماري تي خرچ آيو تہ اوھان کي پنھنجي پيسن مان علاج ڪرائڻو پوندو، ڪي پي حڪومت صحت جي نظام ۾ حڪومتي ادارن جو پئسو خانگي اسپتالن کي ڏياري رھي آھي.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو تہ اسان پٺتي طبقن لاءِ وسيلہ صحت پروگرام” شروع ڪيو هو، صحت پروگرام جو مقصد هو تہ پٺتي پيل ماڻهن تائين سڌو سنئون مدد پهچي.

پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو تہ وفاقي حڪومت ۽ خيبرپختونخوا حڪومت پاپوليشن پلاننگ تي گذريل 15 سالن جي ڪارڪردگي سامهون آڻين.

ھن چيو تہ سنڌ حڪومت جي 15سالن واري پاپوليشن پلاننگ جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، اسان گوجرخان، سرگوڌا، رحيم يارخان ۽ ڊي آءِ خان ۾ پڻ ايس آءِ يو ٽي جي سھڪار سان سهولتون فراهم ڪنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں