پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻولي 23 ڊسمبر تي لڳندي ، ٽي وي تي سڌي ريت نشر ڪئي ويندي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻولي 23 ڊسمبر تي لڳندي، وزيراعظم جو چوڻ آهي تہ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ ميرٽ پهرين ترجيح هوندي، نجڪاري لاءِ ٻولي ملڪ ۾ ٽي وي تي سڌي ريت ڪئي ويندي.

وزيراعظم محمد شھباز شريف سان پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ سڀني ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن ملاقات ڪئي.

وزيراعظم چيو تہ پي آءِ اي جو وڃايل مقام بحال ڪرڻ ۽ قومي ايئر لائن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نجڪاري جو عمل آسان طريقي سان جاري آهي، پي آءِ اي جي  نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، لڳندڙ ٻولي سموري ملڪ ۾ ٽي وي تي سڌي ريت نشر ڪئي ويندي.

وزيراعظم چيو تہ پاڪستان جي سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ پڻ قومي ايئر لائن کي عصري گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، پُراميد آهيون تہ ٻولي بعد جيڪو بہ هن اهم ذميواري سنڀاليندو، اهو قومي ايئر لائن جي سڃاڻپ جي بحالي ۽ ان جي ترقي تي پنهنجي پوري توانائي خرچ ڪندو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں