بنون ۾ فائرنگ،  اي سي ۽ پوليس اھلڪارن سميت 4 ڄڻا شھيد

فہرستِ مضامین

بنون ۾ ميران شاھ روڊ تي گاڏيءَ تي حملي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس اھلڪارن سميت 4 ڄڻا شھيد ٿي ويا.

پوليس موجب ميران شاھ روڊ تي دھشتگردن اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ اي سي شاھ ولي، پوليس اھلڪار ۽ ھڪ شھري شھيد ٿي ويا.

پوليس موجب حملي ۾ 2 اھلڪار زخمي ٿي پيا، شھيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن تہ دھشتگردن حملي بعد گاڏي کي باھ لڳائي ڇڏي.

پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ميران شاھ بنون اچي رھيو ھو، مٿس حملو ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو.

شھيد ڪمشنر ۽ جوانن جي جنازي نماز ادا

شھيد اسسٽنٽ ڪمشنر ميرانشاھ شاھ ولي ۽ 2 پوليس اھلڪارن جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ آءِ جي ڪي پي، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميرانشاھ ۽ ٻين عسڪري سول آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن شھيدن جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ گھر ڀاتين سان ھمدردي جو اظھار ڪيو.

وزيراعليٰ پاران مذمت

 ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي بنون ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شھيد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻن جوانن سميت چئن ڄڻن جي شھادت تي افسوس جو اظھار ڪيو، ھن آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ بہ طلب ڪري ورتي آھي.

سهيل آفريدي پنهنجي بيان ۾ چيو تہ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ملڪ دشمن عنصر جي اهڙن بزدلاڻن حملن سان اسان جا حوصلہ ڪمزور نہ ٿيندا۔ شهيدن جون قربانيون رائيگان نہ وينديون۔ واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قانوني ڪٽهڙي تائين پهچايو ويندو۔

هن زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ وڌيڪ پختي عزم سان جاري رھندي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں