اتر وزيرستان ۾ فورسز جون ڪارروايون، ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 7 خارجي مارجي ويا

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڌار ڌار ڪاررواين ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 7 خارجي مارجي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو تہ ٻي ڪارروائي اسپن وام ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ خارجي کي ماريو ويو.

ماريل ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو، اهي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں