عظميٰ خان جي عمران خان سان ملاقات تي فيصل واوڊا جو ردعمل  

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سينيٽر فيصل واوڊا چيو آھي تہ عمران خان سان ڀينرن جي ملاقات انھن جو حق آھي، جيڪي غيرسياسي آھن انھن کي ھي حق ملڻ گھرجي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي پيغام ۾ فيصل واوڊا لکيو تہ مان اوھان کي گذريل ڏينھن مشورو ڏنو ھو ان سان اوھان کي فائدو مليو، 2  قدم پوئتي ۽ ھڪ قدم اڳتي ٿيڻ سان ئي سياسي رستو نڪرندو آھي.

ھن لکيو تہ ڪي پي جي وزيراعليٰ سھيل آفريدي اسلا آباد تي ھلان نہ ڪري ھاڪاري قدم کنيو، ڀينر غير سياسي آھن، جن کي باني سان ملاقات جو حق ملي ويو پر جيل ۾ سياسي ملاقاتون ممڪن ناھن.

فيصل واوڊا چيو تہ ميران شاھ ۾ اسان جي بھادر آفيسر کي بي رحمي سان شھيد ڪيو ويو جنھن جي ذميواري ڪي پي جي وزيراعليٰ تي لاڳو ٿئي ٿي، ھو ميران شاھ ۾ پنھنجي شھيد آفيسر جي وارثن وٽ وڃي، انھن جي داد رسي ڪري.

سينيٽر چيو تہ منهنجي اها ئي گذارش گورنر ڪي پي کان پڻ آهي تہ ٻئي شخصيتون وڃن، جيڪڏھن اسين پنهنجن لاءِ نہ بيهنداسين تہ پوءِ اسان لاءِ ڪير بيهندو؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں