تحريڪ انصاف، پارٽيءَ جي باني عمران خان جي صحت بابت تازن افواھن تي حڪومت کان وضاحت طلب ڪندي مطالبو ڪيو آھي تہ اڳوڻي وزيراعظم جي سندس گھرڀاتين سان فوري ملاقات جو انتظام ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ عمران خان جي صحت بابت حساس قسم جا افواھ آھن، افغان ۽ ڀارتي ميڊيا ۽ پرڏيھي سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاران افواھ پکيڙيا پيا وڃن.
پارٽي مطالبو ڪيو تہ موجودہ حڪومت ۽ وفاقي گھرو وزارت فوري طور تي اھڙن افواھن جي ترديد ڪري ۽ وضاحت ڪري، عمران خان جِي سندس گھرڀاتين سان ملاقات جو فوري انتظام ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ اھو بہ مطالبو ڪيو آھي تہ رياست عمران خان جي صحت، سلامتي ۽ موجودہ حيثيت بابت باقاعدہ ۽ شفاف بيان جاري ڪيو وڃي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ رياست ان ماڻھن خلاف جاچ ڪري، جيڪي حساس نوعيت جا افواھ پکيريا وڃن، جيڪي بہ حقيقتون آھن، قوم آڏو پيش ڪيون وڃن.
پي ٽي آءِ بيان ۾ خبردار ڪيو آھي تہ قوم عمران خان بابت ڪنھن بہ قسم جي بي يقيني برداشت نہ ڪندي، افواھن جو مقابلو ڪرڻ ۽ سچ کي سامھون آڻڻ لاءِ ھر قانوني ۽ سياسي قدم کنيو ويندو.