لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي تہ پي ٽي آءِ جو روئڻ ڪم نہ ايندو، جيلن ۾ وجهڻ جي روايت اوھان ئي قائم ڪئي هئي.
لاهور ۾ نون چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن چيو تہ پي ٽي آءِ پنجاب ۾ تازين ضمني چونڊن دوران منافقت ڪئي تہ جيڪڏھن هارايوسين تہ چونداسين بائيڪاٽ ڪيو ۽ جيڪڏھن ڪامياب ٿياسين تہ چونداسين بائيڪاٽ باوجود بہ کٽي وياسين.
مريم نواز چيو تہ اسان تي خانداني سياست جو الزام لڳائيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پنهنجا مٽ مائيٽ بہ چونڊن ۾ حصو وٺندا رھيا ، پي ٽي آءِ جي بيانئي سان هاڻي ماڻهو بيوقوف نہ بڻجندا ۽ ماڻهو سمجهي ويا آهن، تنهنڪري هاڻي پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ بہ ماڻهو ناهن ايندا.
هن چيو تہ پي ٽي آءِ جا چار سال تاريخ جا بدترين سال ھئا جيڪي هميشہ ياد رھندا، سندن چور ۽ لٽيرن وارو بيانيو ڪيستائين هلي ها؟ چئن ورھين دوران سياست کي داغدار ڪيو ويو، سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو تہ پي ٽي آءِ جي چار سالا حڪومت دوران مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ڪجهہ سال اڳ جيڪو اوھان ڪيو ۽ روايت قائم ڪئي، جيڪڏھن اڄ اوھان ان جون دانھون ڪندا تہ ڪير بہ نہ ٻڌندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو تہ بدتميزي، گارگند، عورتن خلاف گٿن لفظن جو استعمال پي ٽي آءِ جي سڃاڻپ رھيو آهي، پر تازين چونڊن ۾ انهن جي سياست ختم ٿي وئي.
هن وڌيڪ چيو تہ نواز شريف جي سياست کي ختم ڪرڻ وارا پاڻ ختم ٿي ويا، سازش ڪندڙ پاڻ تاريخ جي ڪتاب ۾ بند ٿي ويا، اسان وراثت ۾ بدتميزي ڪرڻ ۽ گار گند ڏيڻ ناهي سکيو، پر عوام جي خدمت ڪرڻ سکيا آهيون…..