بحرين جي بادشاہ وزيراعظم شھباز شريف کي آرڊر آف بحرين( فرسٽ ڪلاس) جي اعزاز سان نوازيو

فہرستِ مضامین

بحرين جي دوري تي پھتل وزيراعظم شھباز شريف بحرين جي ولي عھد، فوج جي نائب سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم سلمان بن حمد الخليفہ سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم شھباز شريف کي منامہ ۾ قصر القضيبيہ پهچڻ تي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.

بحرين جي بادشاھ وزيراعظم شھباز شريف کي آرڊر آف بحرين(فرسٽ ڪلاس) جي اعزاز سان نوازيو، ھي بحرين پاران عالمي سربراھن کي پيش ڪيو ويندڙ سڀ کان وڏو اعزاز آھي.

ان موقعي تي حمد بن عيسيٰ الخليفہ جو چوڻ ھو تہ کين اھو اعزاز حاصل آھي تہ قائد اعظم محمد علي جناح بحرين جي قانوني نمائندگي ڪئي.

ان جو چوڻ ھو تہ سندن وٽ موجود دستاويزن موجب محمد علي جناح بحرين جو وڪيل رھيو آھي.

وزيراعظم شھباز شريف شاندار آجيان ڪرڻ تي شھزادہ سلمان بن حمد الخليفہ جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ بحرين  قيادت کي ساراھيو، وزيراعظم بحرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 2 سال مدي لاءِ رڪنيت حاصل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ گڏيل سھڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظھار ڪيو.

ملاقات ۾ اقتصادي سھڪار تي ڳالھيون ٿيون، وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ واپار کي وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو، جيڪو هن وقت 550 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بحرین وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي ايندڙ ٽن سالن اندر هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌايو ويندو.

وزيراعظم بحرینی سيڙپڪارن کي خوراڪ جي تحفظ، آءِ ٽي، تعميراتي شعبي، کوٽائي ۽ معدنيات، صحت، توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.

شهباز شريف ڪراچي/گوادر ۽ خليفه بن سلمان پورٽ جي وچ ۾ بندرگاهه کان بندرگاهه تائين رابطن کي وڌائڻ جي به تجويز ڏني.

وزيراعظم بحرین ۾ هڪ لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ پاڪستاني برادري لاءِ بحرین جي سهڪار کي ساراهيو ۽ وڌيڪ ماهر افرادی قوت فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.

ملاقات ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سھڪار تي پڻ ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ڌرين تربيت، سائبر سيڪيورٽي، دفاعي پيداوار ۽ معلومات جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ سھڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں