بچاءُ واري وفاقي وزير خواجہ آصف چيو تہ جڏھن بہ افغان طالبان خلاف ڪارروائي ڪنداسين تہ اھو صاف لفظن ۾ ٻڌائينداسين.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي خواجہ آصف چيو تہ هاڻي اسان کي افغان طالبان مان ڪنهن بہ قسم جي ڪا اميد ناهي ، هاڻي طالبان تي اعتبار ڪرڻ بيوقوفي ھوندو.
دفاع واري وزير چيو تہ اسان جي فورسز ڊسيپلن واري آھي، طالبان وٽ ڪو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ناهي، اسان کي طالبان کان ڪنهن بہ چڱائي جي اميد ناهي۔
هن چيو تہ دنيا جي ڪهڙي مذهب يا سماج ۾ ايئن ٿيندو آهي جو اوھان ڪنهن سرزمين تي رھندا هجو ۽ اتي خونريزي ڪيو ۽ باھيون لڳايو.
خواجہ آصف چيو تہ طالبان ڪهڙي شريعت کي مڃين ٿا؟ هي ڪهڙي شريعت جي ڳالهہ ڪن ٿا؟ طالبان مفاد پرستن جو هڪ ٽولو آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ اسين چاهيون ٿا تہ خطي ۾ امن هجي، جنھن مان سڀئي فائدو وٺن، طالبان جي روين ۾ ڪا بہ تبديلي ناهي آئي، هو پنهنجو ملڪ ۽ قوم تباھ ڪري رھيا آهن۔
وفاقي وزير چيو تہ افغانستان جيڪڏھن ڀارت سان لاڳاپا رکڻ ٿو چاهي تہ ضرور رکي۔…