چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جي فيلڊ مارشل سان الوداعي ملاقات

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان الوداعي ملاقات ڪئي.

جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل ساحر شمشاد مرزا شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙھي ، جڏھن تہ پاڪ فوج دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل جنرل ساحر شمشاد مرزا جي مثالي قيادت، اسٽريٽجڪ ڏاھپ  ۽ پاڪ فوج لاءِ شاندار خدمتن کي ساراهيو.

فيلڊ مارشل چيو تہ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿيابند فوجن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏوگڏ هٿياربند فوجن جي گڏيل آپريشنل تياري کي مضبوط ڪرڻ ۾ پڻ حصو ورتو

فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو تہ جنرل ساحر شمشاد مرزا قومي سلامتي جا اسٽريٽجڪ هدف حاصل ڪرڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل جنرل ساحر شمشاد مرزا جي دوست ملڪن سان پاڪستان جي دفاعي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ، علائقائي استحڪام ۽ عسڪري سفارتڪاري لاءِ ڪوششن تي بہ ڀيٽا پيش ڪئي.

آءِ ايس پي آر چوڻ آهي تہ جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي ڪيريئر دوران فراهم ڪيل حمايت تي آرمي چيف ۽ هٿيابند فوجن جا ٿورا مڃيا. …

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں