اسلام آباد حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ موجود نور ولي محسود ڪئي ھئي: عطا تارڙ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران ٿيل حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ موجود ڪالعدم ٽي ٽي پي جي سربراهہ نور ولي محسود ڪئي هئي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو تہ 11 نومبر تي اسلام آباد اندر وڏي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان واقعي جا پيرا افغانستان ڏانهن وڃن ٿا، اسان جون سيڪيورٽي ايجنسيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پاڪ فوج مڪمل طور تي الرٽ آهن.

هن چيو تہ اسلام آباد ڪورٽ ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ پهرين جاءِ ملي جنهن کي آپگهاتي بمبار نشانو بڻايو، آءِ بي ۽ سي ٽي ڊي حملي کانپوءِ فوري طور تي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، سي ٽي ڊي ساجد الله عرف شينا، ڪامران خان، محمد ذالي ۽ شاهہ منير کي گرفتار ڪيو.

سندس چوڻ هو چيو تہ هينڊلر ساجد الله عرف شينا آپگهاتي بمبار ۽ جيڪٽ کڻي آيو، دهشتگردن اسلام آباد جي ڀرپاسي وارن علائقن کي نشانو بڻايو، حملي جي 48 ڪلاڪن بعد 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.

هن چيو تہ آپگهاتي بمبار افغانستان جو رھائش ھو، گرفتار ڪيل دهشتگرد حملي ۾ ڪنهن نہ ڪنهن ريت شامل هئا، اها وڏي ڪاميابي آهي، جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملندي.

وفاقي وزير چيو تہ دهشتگرد وڏو نقصان پهچائڻ چاهين پيا پر ان ۾ ناڪام رھيا ، دهشتگرد پنهنجي ٽارگيٽ تائين نہ پهچي سگهيا، حملي جي سڄي منصوبابندي افغانستان ۾ ٿي ، ساجد الله عرف شينا مُک جوبدار آهي، هو تحريڪ طالبان جو ميمبر رھيو آهي.

عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس دوران ساجد الله عرف شينا جو اعترافي بيان پڻ ڏيکاريو ويو.

سڌ سماءُ واري وزير موجب، ساجد الله عرف شينا پاڪستان واپس اچي آپگهاتي حملي آور عثمان شنواري سان ملاقات ڪئي، عثمان شنواري ننگرھار افغانستان جو رھواسي هو، عثمان شنواري کي آپگهاتي جيڪٽ ڏني وئي، هن جِي-اليون ۾ حملو ڪيو.

هن چيو تہ آگسٽ 2025ع ۾ ساجد الله شينا ۽ محمد ذالي، داد الله سان ملاقات لاءِ افغانستان ويا، داد الله کين راولپنڊي-اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملي بابت نور ولي محسود کان ملندڙ هدايتون پهچايون.

سڌ سماءُ واري وزير جو چوڻ هو ته ساجد الله ۽ داد الله هڪ ايپ ذريعي رابطي ۾ هئا، دهشتگردن جو هدف راولپنڊي-اسلام آباد هو، ساجد الله عرف شينا افغانستان وڃي داد الله سان ملاقات ڪري آپگهاتي حملي جي منصوبابندي ڪئي، ساجد الله محمد ذالي ۽ ڪامران خان کي مقرر  ڪيو.

هن چيو تہ ساجد الله 2015ع ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ مختلف ٽريننگ ڪئمپن ۾ تربيت حاصل ڪئي، 2023 ۾ داد الله نالي همراهه سان ملاقات ڪئي.

عطا تارڙ وڌيڪ چيو تہ حملي جي منصوبابندي خارجي سربراهہ نور ولي محسود پنهنجي ڪمانڊر داد الله ذريعي ڪئي، داد الله هن وقت افغانستان ۾ موجود آهي، افغانستان ۾ موجود نور ولي محسود ئي حملي جي منصوبابندي ڪئي هئي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں