راولپنڊي : بنون ۾ ڳجھي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 22 خارجي مارجي ويا آھن
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، آپريشن فتنہ الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ علائقي ۾ وڌيڪ ڀارتي اسپانسرڊ خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رھنديون، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دشمن نيٽ ورڪس جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهن.
وزيراعظم شهباز شريف بنون دھشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي تہ 22 دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون….