پشاور ۾ ايف سي ھيڊڪوارٽر تي حملو ناڪام، بمبار سميت 3 دھشتگرد مارجي ويا،3 اھلڪار شھيد

فہرستِ مضامین

پشاور ايف سي  هيڊڪوارٽر تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، 3 آپگهاتي بمبار مارجي ويا جڏھن تہ تہ ٽن ايف سي اهلڪارن شهادت ماڻي، ٻن اھلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي بہ ٿيا.

سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو تہ حملو صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو، حملي کانپوءِ سنهري مسجد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ کي صدر روڊ ڏانهن موڙيو ويو.

سي سي پي او پشاور چيو تہ 3 آپگهاتي بمبارن فيڊرل ڪانسٽيبلري تي حملو ڪيو، هڪ حملي آور مُک گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، جڏھن تہ ٻن آپگهاتي بمبار ايف سي هيڊڪوارٽر جي اندر داخل ٿيا.

سي سي پي او موجب، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن ٻنهي حملي آورن تي فائرنگ ڪئي، ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، ايف سي جي جوانن بهادري سان حملو ناڪام بڻايو.

ڊپٽي ڪمانڊنٽ جاويد اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ حملي ۾ ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا آهن، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن دليريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، حملي ۾ ايف سي جا 3 اهلڪار شهيد ٿيا.

اسپتال ذريعن موجب، حملي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، زخمين ۾ 3 ايف سي اهلڪار ۽ 6 شهري پڻ شامل آهن، سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ سندن تسلي بخش آهي.

ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي بعد پشاور ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب بي آر ٽي سروس عارضي طور معطل ڪئي وئي.

بي آر ٽي جي مرڪزي ڪوريڊور تي بسن جي سروس معطل ڪئي وئي، جڏھن تہ فيڊر روٽن تي بسون معمول موجب هلي رھيون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو تہ سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سبب وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي وياسين.

وزيراعظم زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري.

وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

هن چيو تہ پاڪستان جي سلامتي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں