مقتبوليت مٽي ۾ ملي وئي، ھاڻي نہ فيض حميد آھي ۽ نہ اھي جج جيڪي پي ٽي آءِ کي کٽرائيندا ھئا: مريم نواز

فہرستِ مضامین

لاھور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف صوبي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي ڪاميابي تي شڪر ڪندي چيو آھي تہ ن ليگ بيانيي نہ پر ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اڄ نہ فيض حميد آھي ۽ نہ وري اھي ججز آھن جيڪي پي ٽي آءِ کي کٽرائيندا ھئا.

مريم نواز صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ اليڪشن بيانيي نہ پر ڪم سان کٽي ويندي آھي، مقبوليت جي دعويٰ مٽي ۾ ملي وئي، 2024 جي اليڪشن ۾ ھاريل سموريون سيٽون ن ليگ کٽي ورتيون آھن.

مريم نواز چيو تہ هي چونڊ نہ پر ريفرنڊم هو، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي الله تعالىٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا، مسلم ليگ ن 2024 جي اليڪشن ۾ ھارايل سيٽون ٻيهر حاصل ڪري ورتيون آھن، چونڊن ۾ ن ليگ کي تاريخي ڪاميابي ملي آھي.

هن چيو تہ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ماڻهن مسلم ليگ ن جي حق ۾ فيصلو ڏنو، چونڊون بيانيي سان نہ پر ڪارڪردگي جي بنياد تي کٽيون وينديون آهن، عوام مسلم ليگ ن جي ڪارڪردگي تي اعتماد ڪري ووٽ ڏنو.

هن وڌيڪ چيو تہ تحريڪ لببيڪ کي 2017 جي چونڊ ۾ لانچ ڪيو ويو، گلگت بلتستان ۾ ڪامياب جلسا ڪيا پر اسان کان سيٽون کسيون ويون، سڀني کي خبر آهي تہ ڌانڌلي ڪڏھن ۽ ڪنهن لاءِ ٿي، پر مسلم ليگ ن پنهنجي موقف تي قائم رھي ، ماڻهو هاڻي ان بيانيي کان تنگ ٿي چڪا آهن، ڪارڪردگي کان بهتر ڪو بہ بيانيو نٿو ٿي سگهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں