پاڪستان پاران غزا تي اسرائيلي حملن ۽ امن معاھدي جي ڀڃڪڙي جي مذمت

فہرستِ مضامین

پاڪستان غزہ ۾ اسرائيلي فوج پاران معصوم فلسطنين تي حملن ۽ امن معاھدي جي ڀڃڪڙي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

پرڏيھي ترجمان طاھر حسين اندرابي چيو آھي تہ اسرائيلي حملن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون شھيد ٿيون آھن، ڪيترائي شھري زخمي ٿيا آھن، اسرائيل عالمي قانون ۽ تازي امن معاھدي جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي.

ترجمان موجب ھي حملا امن جي ڪوششن کي متاثر ڪري رھيا آھن،  حملا شرم الشيخ ۾ طئي ٿيل امن معاھدي جي بہ کليل ڀڃڪڙي آھن، عالمي برادري اسرائيلي حملن جو نوٽيس وٺي.

ترجمان موجب عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون جي پاسداري لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، پاڪستان آزاد سرحدن تي ٻڌل ھڪ آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جي حق ۾ آھي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں