خيبرپختونخوا بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي الزام لڳايو آھي تہ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا علائقي ۾ منشيات جا ڪارخانا هلن ٿا ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن۔
پنهنجي وڊيو بيان ۾ اختيار ولي چيو تہ وادي تيرہ ۾ منشيات جا ڪارخانا لڳل آهن، خيبر ضلعي مان منشيات سڄي ملڪ ۾ اسمگل ڪئي ويندي آهي، سهيل آفريدي خيبر ۾ منشيات جي ترديد ڪري حقيقتن جي نفِي آهي.
وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو تہ منشيات جي ڌنڌي ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو ملوث آهن، منشيات جو پئسو سرحد پار بہ ويندو آهي ۽ اهو ئي پئسو دهشتگردي لاءِ ۽ رياست خلاف استعمال ٿئي ٿو۔
اختيار ولي جو چوڻ هو تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير تعلق خيبر سان آهي، وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو هو تہ خيبر ضلعي ۾ منشيات خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن وڏي وزير تڪ ۾ منشيات تيار ٿئي ان کي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي.
ياھ رھي تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي، مريم نواز کي طلب نہ ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن مٿان تنقيد ڪئي ھئي
جاري ڪيل بيان ۾سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ اليڪشن ڪميشن مون کي جلسي بعد طلب ڪيو ھو.
سندس چوڻ ھو تہ مريم نواز اليڪشن باوجود ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪري پئي پر ھن وقت تائين کيس طلب ناھي ڪيو ويو.
سندس چوڻ ھو تہ اليڪشن ڪميشن سڀني کي ھڪ نظر سان ڏسي ……….