فيصل آباد: وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي تہ رڳو دنيا نہ، پر ڀارت پاڻ بہ تسليم ڪيو تہ پاڪستان هن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
فيصل آباد ۾ ننڍي چونڊ دوران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو تہ عوام مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏيندو، ننڍي چونڊ ۾ ٽرن آئوٽ 25 کان 30 سيڪڙو تائين هوندو آهي.
باني بابت سوال تي راڻا ثناءُ اللھ جو چوڻ ھو تہ باني پي ٽي آءِ سياست نٿو ڪري، بدقمستي سان ھن کي آندو ويو.
هن چيو تہ جڏھن باني پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هيو تہ چوندو هو ڪنهن سان بہ ڳالھيون نہ ڪندس، سندس سمورو ڌيان اپوزيشن تي ڪيس ڪرڻ ۾ ھو، پر اسان اڄ بہ سياستدان سان ويھي مسئلا حل ڪرڻ جي حق ۾ آھيون.
ھن وڌيڪ چيو تہ وزيراعظم آڇ ڪئي تہ اچو ميثاق پاڪستان تي ڳالھيون ڪيون،جمهوريت ڳالھين سان اڳتي وڌندي آھي.
رانا ثنا الله چيو تہ پوري تڪ ۾ نہ ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو، نہ روڪيو ويو، ڪنهن کي بہ شڪايت جو موقعو نہ مليو. تڪ ۾ چونڊن سبب مريم نواز کان ترقياتي منصوبن جو اعلان روڪرايو، منصوبن جي پلاننگ ٿي چڪي آهي.
ڀارت سان مئي ۾ ٿيل ڇڪتاڻ بابت سوال تي وزيراعظم جي صلاحڪار چيو تہ رڳو دنيا نہ، پر ڀارت بہ تسليم ڪيو تہ پاڪستان کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو……..