اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ريلوي، خاص طور تي علائقائي رابطن ۽ بين الاقوامي ٽرين لنڪس منصوبن بابت، عالمي سطح جي قانوني ۽ معاشي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلوي جي معاملن تي هڪ اهم اجلاس ٿيو
اجلاس دوران وزيراعظم چيو تہ ريلوي جو نظام ڪنهن بہ ملڪ جي معيشت ۽ آمدرفت جي ڍانچي لاءِ ڪرنگھي جي هڏي واري اهميت رکي ٿو، هن ريلوي جي بحالي لاءِ کنيل قدمن کي ساراھيو .
وزيراعظم، ريلوي جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن بابت وفاقي وزير حنيف عباسي ۽ سندن ٽيم جي ڪارڪردگي کي بہ ساراھيو، ريلوي جي ملڪيت ۽ زمينن سان لاڳاپيل معاملن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ وارو ماڊل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تہ ريلوي جي ڊجيٽلائزيشن جي حوالي سان “رابطا” تحت 7 ڊجيٽل پورٽل ڪم ڪري رھيا آهن، 56 ٽرينون رابطا تي منتقل ٿي چڪيون آهن ۽ 54 ريلوي اسٽيشنن کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل بڻايو ويو آهي۔
ان سان گڏ، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد جي ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن لاءِ مفت وائي فاءِ جي سھولت فراھم ڪئي وئي، جڏھن تہ وڌيڪ 48 اسٽيشنز تي ايندڙ مھيني مفت واءِ فاءِ سروس فراھم ڪئي ويندي…..