آءِ ايم ايف پاران ٽيڪس دائرو وڌائڻ ۽ ضمني گرانٽ جي آڊٽ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجيٽ تياري ۾ ڄاڻ جي درست استعمال، ٽيڪس دائرو وڌائڻ ۽ ضمني گرانٽس جي آڊٽ سميت ٻيا مطالبا ڪري ڇڏيا آھن.

پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف وفد حڪومت سان ڳالهين ۾ بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ صحيح ڄاڻ استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ ۽ ضمني گرانٽس جي آڊٽ جو مطالبو ڪيو آهي۔

آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ پاڪستان ۾ ٽيڪس چوري سان قومي خزاني کي وڏي پئماني تي نقصان پهچي رھيو آهي، ڪرپشن، ٽيڪس چوري، اصل آمدني لڪائڻ ۽ منجھائيندڙ قانون گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي جا ڪارڻ آھن ۔

آءِ ايم ايف رجسٽرڊ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جعلي رسيدن، ريفنڊز تي ضابطو آڻڻ ۽ مختلف شعبن کي ڏنل ٽيڪس رعايتون ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي۔

آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٽيڪس نظام جون ڪمزورين ظاهر ڪندي نشاندهي ڪئي آهي تہ پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو اصل تعداد سرڪاري ڪاٿي کان گهڻو گهٽ آهي، ٽيڪس چوري، بدعنواني ۽ مخصوص شعبن کي ڏنل مراعتون گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي جو ڪارڻ آھن، جڏھن تہ رجسٽرڊ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو انگ صرف 50 لک تائين محدود آهي۔

آءِ ايم ايف موجب، تازو جمع ڪيل 59 لک ٽيڪس گوشوارن مان 43 سيڪڙو ماڻهن آمدني ظاهر ناھي ڪئي،  جنهن سبب گذريل پنجن سالن ۾ ٽيڪس جي شرح صرف 10 سيڪڙو تائين محدود رھي آهي۔ ٽيڪس چوري لاءِ اصل آمدني لڪائي وڃي ٿي يا غير حقيقي فائلرز سسٽم ۾ شامل آھن۔

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ ٽيڪس چوري جي ڪري بجيٽ جو خسارو 3.4 ٽريلين رپيا، يعني جي ڊي پي جو 3.9 سيڪڙو آهي

رپورٽ موجب قومي خزاني کي پهچندڙ نقصانن ۾ غير رسمي معيشت جون وڌندڙ سرگرميون پڻ شامل آهن، ايف بي آر ۾ احتساب جي کوٽ، بدعنواني، ڪرپشن جي ڪيسن ۾ قانوني ڪارروائي نہ ٿيڻ برابر ۽ ريفنڊز نظام ۾ شفافيت جي ڪمزوري سبب قومي خزاني کي شديد نقصان پهتو آهي۔

آءِ ايم ايف زور ڏنو آهي تہ مختلف شعبن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ، رعايتون فوري ختم ڪيون وڃن، معيشت کي مڪمل طور دستاويزي بڻايو وڃي، سڀني ڪاروباري شعبن جي مڪمل رجسٽريشن ڪئي وڃي، جعلي رسيدن کي روڪڻ ۽ انگ اکرن جي جاچ پڙتال سخت ڪئي وڃي ۽ ڊگهي مدي لاءِ جامع ٽيڪس پاليسي تيار ڪئي وڃي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں