فورسز جو بنون ۾ گڏيل آپريشن، ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 8 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

خيبر پختونخوا جي ضلعي بنون ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل آپريشن ۾ 8  دھشتگرد مارجي ويا.

آئي ايس پي آر موجب بنون ۾ دھشتگردن جي موجودگي بابت ڳجھي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀارتي يافته فتنہ الخوارج جا 8 دهشتگرد مارجي ويا.

آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ فورسز جي ڪارروائي دوران خارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو ۽ مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي دھشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث ھئا، دھشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شھرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ بہ ملوث ھئا.

آئي ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ هي ڪامياب ڪارروائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سڪيورٽي فورسز جي مضبوط سهڪار جي عڪاسي آهي، جنهن سان علائقي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشنز ۾ واضح واڌ ٿي آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں