اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي راڻا ثناءُ اللہ کي طلب ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ اللھ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آھي.

ڊي آر او پاران وزيراعظم جي صلاحڪار راڻاثناءُ اللھ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو تہ راڻا ثناءُ اللھ پي پي 116 ۾ راڻا شھريار جي ريلي ۾ شرڪت ڪئي  ۽ خطاب ڪيو

نوٽيس ۾ حڪم ڏنو ويو تہ راڻا ثناءُ اللھ سڀاڻي ڊي آر او آڏو پيش ٿئي، ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پنجاب موجب ضابطن جي ڀڃڪڙي تي فيصل آباد جي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر راڻا ثناءُ اللھ خلاف ڪارروائي ڪندي راڻا ثناءُ اللھ ۽ راڻا شھريار تي 50 ھزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو.

اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب راڻا ثناءُ اللھ ۽ راڻا شھريار چونڊ مھم ۾ شرڪت ڪري ضابطن ڀڃڪڙي ڪئي، ڏنڊ سڀاڻي تائين ادا نہ ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيس اليڪشن کي موڪليو ويندو.

ياد رھي تہ ان کان اڳ اين اي 96 فيصل آباد جي ننڍي چونڊ ۾ ضابطہ اخلاق جي لڳاتار ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن مملڪتي وزير طلال چوڌري کي بہ 24 نومبر تائين ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں